سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد

سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد

سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد

سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک دانشور، ڪهاڻيڪار ۽ ترقي پسند اديب، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل تحقيقي ۽ تنقيدي مقالو، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ 1973ع ۾ لکيو هو، جنهن ۾ ورهاڱي بعد جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻن دَورن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل هئي. بعد ۾ هن سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽئين دور تي به لکيو ۽ ائين ورهاڱي کان پوءِ جي 35 سالن جي دور جي تاريخ مرتب ڪري ورتي، جنهن دوران هند ۾ هزارين سنڌي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن مان سوين ڪهاڻيون مطالعي هيٺ آڻي، ليکڪ انهن جو تجزيو ڪيو آهي. ’ليکڪ پاران‘ عنوان ۾، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڄاڻايو آهي ته ”سڀا ويڪ ڪي ليکڪ مون کان اڃا به رهجي ويا هوندا ۽ شامل ليکڪن جون سڀ ڪهاڻيون به شُماري نه سگهيو آهيان... مون هن عرصي جي ڪهاڻيءَ کي ڪشادي ڪئنواس ۾ بيهاري، جيڪي ان ۾ اهم آهن، تنهن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي.“
ڪتاب جي پبلشر، نارائڻ ڀارتيءَ لکيو آهي ته: ”هي ڪتاب نه فقط ڪاليج وديارٿين (شاگردن) کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي ڄاڻ ڏيندو، بلڪ هن ڪتاب کي تاريخي اهميت پڻ آهي، ته ورهاڱي بعد سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪيئن پاڻ موکيو آهي ۽ اڄ جي سنڌي ڪهاڻي، ڀارت جي ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جي ڪهاڻيءَ سان بيهي سگهي ٿي.“
هي ڪرائون سائيز جي 114 صفحن تي مشتمل ڪتاب، نارائڻ ڀارتيءَ، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن، الهاس نگر پاران جنوري 1984ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 10 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو